Home سياست :ايلون مسڪ نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

:ايلون مسڪ نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

18
0


دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ ڇنڇر ڏينهن چيو ته هو هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهيندو، سندس اهو اعلان هڪ تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي جيڪو ايلان مسڪ جهڙي ارب پتي جي آمريڪي سياست تي اثر جي آزمائش هوندي.

پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڇنڇر ڏينهن ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ايلان مسڪ لکيو ته،”جڏهن اسان جي ملڪ کي فضول خرچي ۽ بدعنواني سان ڪنگال ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي، ته ان جو هڪ ئي سبب آهي ته اسان جمهوري نظام ۾ نه پر هڪ پارٽي نظام ۾ رهون ٿا”. هن پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي عوام کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ لکيو ته، “اڄ، آمريڪا پارٽي توهان کي توهان جي آزادي واپس ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي.”

ايلان مسڪ گذريل صدارتي چونڊ مهم دوران صدر ٽرمپ جي ويجهي اتحادي هيو ۽ هن ٽرمپ جي چونڊ مهم ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊ ڏنو هيو پر ڪجھ هفتن دوران صدر ٽرمپ ۽ ايلان مسڪ ۾ تڪرار جي ڪري هو صدر ٽرمپ کان پري هليو ويو آهي. ٻنهي هڪ ٻئي بابت تڪراري بيان پڻ جاري ڪيا آهن.
مسڪ نئين پارٽي لاءِ ڪاغذ جمع نه ڪرايا آهن، جيتوڻيڪ هن هڪ الڳ پوسٽ ۾ چيو آهي ته سندس نئين ٺاهيل آمريڪا پارٽي “ايندڙ سال” وچ مدي وارين چونڊن ۾ سرگرمي سان حصو وٺندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، مسڪ گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ ويجهن دوستن سان سياسي پارٽي جي پنهنجي منصوبي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، بابت ڳالهايو آهي.
ايلون مسڪ 2024 جي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوارن کي تقريبن 300 ملين ڊالر عطيو ڪيا آهن، ۽ سندس سپر پي اي سي جنگ جي ميدان ۾ رياستن ۾ مسٽر ٽرمپ جي ووٽ حاصل ڪرڻ جي آپريشن جي اڳواڻي ڪئي. پر ٽيڪ ارب پتي هن سال وِسڪونسن سپريم ڪورٽ جي سيٽ G.O.P پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيو، جيتوڻيڪ ان ڊوڙ ۾ 20 ملين ڊالر کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ کان پوءِ.
ايلان مسڪ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هڪ شروعاتي طريقو اهو ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ سال ٿيندڙ وچ مدي وارين چونڊن ۾ آمريڪا پارٽي سينيٽ ٻن چئن سيٽن ۽ اٺ کان 10 ڪانگريس جي سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري.
ٻه پارٽي نظام جديد آمريڪي سياست جي هڪ بنيادي خصوصيت رهيو آهي، ۽ ڪيترن ئي اعتدال پسند ارب پتين ڏهاڪن کان ٽئين پارٽي جا خواب به ڏٺا آهن ته ڪوشش به ڪيون آهن پر هڪ نئين، بااثر سياسي پارٽي ٺاهڻ ۾ رڪاوٽون تمام گهڻيون آهن، جنهن جي ڪري کين ڪاميابي نصيب نه ٿي سگهي تنهنڪري نئين پارٽي جو قيام ۽ ڪاميابي ايلان مسڪ لاء هڪ وڏو چيلنج ھوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here