ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ پنج منزله عمارت ڪِرڻ واري افسوسناڪ واقعي شهر کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فوتين جو انگ 27 ٿي ويو آهي جڏهن ته اڃان وڌيڪ متاثرين جي ملبي هيٺان دٻجڻ بابت خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. اهو واقعو جمعي ڏينهن صبح 10:00 وڳي فدا حسين شيخ روڊ تي لي مارڪيٽ جي ويجهو پيش آيو جنهن بعد متاثرين کي ملبي مان ڪڍڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو هيو، جيڪو 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهيو آهي. تيز گرمي ۽ گهمندڙ نمي جي باوجود، ريسڪيو 1122، ايڌي فائونڊيشن، ۽ سرڪاري ادارن ملبي مان بچيل ماڻهن ۽ لاشن کي ڪڍڻ لاءِ بيحد محنت ڪئي آهي. آچر تي، ريسڪيو 1122 جي ترجمان حسان الحسيب خان چيو ته آپريشن پنجن کان ڇهن ڪلاڪن ۾ ختم ٿيڻ جي اميد آهي. پر اڃان تائين ڪيترائي ماڻهو گم آهن. هاڻي تائين، 27 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ 15 مرد، 9 عورتون، 3 ٻار شامل آهن. گهٽ ۾ گهٽ 13 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان 10 کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي. آپريشن دوران هڪ معجزو ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن هڪ ٽن مهينن جي ٻارڙي ملبي هيٺان زنده ملي، جيڪا زخمي ته هئي پر ساهه کڻي رهي هئي. لياري جون گهٽيون هڪ ڪربلا جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن، جتي مائرون ۽ ڀينرون پنهنجن گم ٿيل پيارن کي پڪاري رهيون آهن،
پر هن تباهي جي وچ ۾، لياري بين المذاهب هم آهنگي جو هڪ طاقتور مظاهرو پڻ نظر آيو.مسلمان ۽ هندو پاڙيسري ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل نظر آيا، ۽ بنا ڪنهن مت ڀيد جي متاثر ۽ غمگين خاندانن ۾ کاڌو ۽ پاڻي ورهائڻ ۽ کين هر طرح جي مدد ڪرڻ ۾ برابري سان سرگرم رهيا. رضاڪارن بي گهر خاندانن، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي مدد لاءِ سائيٽ جي ويجهو هڪ امدادي ڪئمپ قائم ڪئي. متاثر ٿيل آبادي جو گهڻو حصو ڪڇي مهيشوري ميگھواڙ هندو برادري سان تعلق رکي ٿو، جن مان 16 کان وڌيڪ هندو متاثرين جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي. فوت ٿيلن کي انهن جي روايت مطابق، مواڇ ڳوٺ ۾ پراڻي هندو قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو (ساڙيو نه ويندو)، ۽ آخري رسمون پراڻي ڪمارواڙ ڪڇي هال ۾ ادا ڪيون وينديون.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ بعد ۾ صحافين کي ٻڌايو ته: ٽٽل عمارت نئين تعمير ڪئي وئي هئي پر مناسب منظوري کان سواءِ تعمير ڪئي وئي هئي. مراد شاهه چيو ته “متاثرين کي ملبي مان ڪڍڻ لاءِ فوري ڪوششون شروع ڪيون ويون.”، هن وڌيڪ چيو ته ، ” ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.”. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته شهر جي پراڻن علائقن ۾ 480 کان وڌيڪ عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسو چيو ته عمارت جي رهواسين کي 2022، 2023 ۽ 2024 ۾ بي دخلي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، انهن کي اڏاوتي خطرن کان خبردار ڪيو ويو هو. بهرحال، رهواسين ۽ بلڊر ڊپٽي ڪمشنر جي دعوا کي رد ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته کين ڪڏهن به ڪو نوٽيس نه ڏنو ويو هو. اختيارين تصديق ڪئي ته ضلعي ۾ 50 کان وڌيڪ عمارتن کي غير محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، جن مان ڇهه جمعي کان خالي ڪيون ويون آهن.
شري پنچ مکي هنومان مندر جي مهاراج رام ناٿ، واقعي کي “سڄي شهر لاءِ آفت” قرار ڏنو. سندس چوڻ هيو ته، “اسان هر خاندان جي غم ۾ شريڪ آهيون،” هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته متاثرين لاءِ فوري طور تي رليف، مدد ۽ ڊگهي مدت جي رهائش فراهم ڪئي وڃي














