پاڪستان جي شماريات کاتي 2025 جي ڊجيٽل مردم شماري جا نتايج جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن مطابق ملڪ جي آبادي 25 ڪروڙ کان مٿي پهچي وئي آهي.
سنڌ جي سياسي ڌرين مردم شماري تي خدشا ظاهر ڪيا آهن، خاص طور تي ڪراچي جي آبادي بابت رپورٽن کي لياري، اورنگي ۽ ڪورنگي جي نمائندن رد ڪري ڇڏيو آهي.
ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي طرفان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڳڻپ جي طريقيڪار کي شفاف بڻايو وڃي.
ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ خاص سيشن پڻ طلب ڪيو ويو آهي.














